ضمني چونڊون: 5 قومي، 16 صوبائي تڪن تي پولنگ جاري، نارووال ۾ جهيڙو، (ن) ليگي ڪارڪن مارجي ويو

ملڪ ۾ ضمني چونڊن لاءِ قومي اسيمبلي جي 5 جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 16 خالي سيٽن تي پولنگ جو عمل جاري آهي.. ملڪ ۾ ضمني چونڊن لاءِ قومي اسيمبلي جي 5 جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 16 خالي سيٽن تي پولنگ جو عمل جاري آهي، پولنگ صبح 8 وڳي کان شروع ٿي شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي. اليڪشن ڪميشن حساس پولنگ اسٽيشن ۾ 413 کي اي ڪيٽيگري، 1507 بي ڪيٽيگري ۽ 1094 کي سي ڪيٽيگري ۾ ڊڪليئر ڪيو آهي  جتي سيڪيورٽي کي سخت ڪيو ويندو ضمني چونڊن دوران مختلف شهرن ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙن جا به اطلاع آهن. پوليس موجب پ پ 54 نارووال ۾ ڪوٽا تاجو جي علائقي ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو، جهيڙي دوران هڪ سياسي پارٽي جو ڪارڪن مارجي ويو.پوليس موجب مخالفن جهيڙي دوران مٿي ۾ ڏنڊو هنيو جنهن سبب سخت زخمي محمد يوسف اسپتال منتقلي جي دوران فوت ٿي ويو. پوليس موجب جهيڙي کان پوءِ پي پي 54 پولنگ اسٽيشن ڪوٽ ناجو ۾ ووٽنگ جو عمل روڪيو ويو آهي. وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته مقتول محمد يوسف مسلم ليگ(ن) جو ڪارڪن هو. پي ٽي آءِ   غنڊه گردي سان اليڪشن نٿي کٽي سگهي. محمد يوسف جي قرباني رائيگان نه ويندي. قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو. ان کان علاوه شيخوپوره ۽ لاهور ۾ به  ضمني چونڊن دوران مسلم ليگ(ن) ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوارن ۾ جهيڙي دوران 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.