ٿرپارڪر ۾ رينجرز اهلڪارن جي ٽرڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار فوت ٿي ويا آهن.اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ آڏي جو تڙ ۾ رينجرز اهلڪارن جي ٽرڪ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 جوان شهيد جڏهن ته 18 زخمي ٿي پيا آهن.ريسڪيو ذريعن موجب اهو افسوسناڪ واقعو ٿرپارڪر جي تعلقي اسلام ڪوٽ جي ڀرسان پيش آيو حادثي وقت رينجرز اهلڪار ٽرڪ ۾ سوار ٿي چوڪي طرف وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. اسلام ڪوٽ اسپتال جي ايم ايس موجب ٽرڪ حادثي ۾ رينجرز جا 2 اهلڪار فوت ۽ 18 اهلڪار زخمي ٿي پيا. زخمي رينجرز اهلڪارن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.