ايراني صدر ابراهيم رئيسي سڀاڻي(سومر) 22 اپريل کان 24 اپريل تائين پاڪستان جو دورو ڪندو هو ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي به حاضري ڏيندو.سفارتي ذريعن موجب ايراني صدر پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ويندو، صدر رئيسي سومر تي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم طرفان ايراني مهمانن کي مانجهاندو ڏنو ويندو سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ ٻيا وزير به ايراني صدر سان ملاقات ڪندا. سومر جي شام ايراني صدر ابراهيم رئيسي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو. ايراني صدر اڱاري تي لاهور ويندو. لاهور ۾ ايراني صدر پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان سان ملاقات ڪندو. پنجاب جي گورنر طرفان ايراني صدر کي مانجهاندو ڏنو ويندو. اڱاري تي ايراني صدر ڪراچي پهچندو جتي ان جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر سان ملاقات ٿيندي.