ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 16 خالي سيٽن تي ضمني چونڊن ۾ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هاڻ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي.پولنگ صبح 8 وڳي کان شروع ٿي جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. اليڪشن وارن علائقن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند آهي.گورنمنٽ پرائمري اسڪول نظام پوره ۽ پولنگ اسٽيشن نمبر 33 ڪوٽ تاجو سميت ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي سياسي ڪارڪنن ۾ جهيڙا به ٿيا آهن. ڪجهه هنڌن تي فائرنگ سبب پولنگ جو عمل روڪيو ويو پر پوليس نفري جي ذريعي صورتحال تي ڪنٽرول کان پوءِ پولنگ بحال ڪئي وئي. پي پي 54 نارووال جي ڳوٺ ڪوٽ تاجو ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو جنهن جي دوران مسلم ليگ(ن) جو ڪارڪن مارجي ويو. مخالفن جهيڙي دوران(ن) ليگي ڪارڪن کي مٿي ۾ ڏنڊو هنيو جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو هو. 60 ورهين جي محمد يوسف کي اسپتال آندو ويو پر هو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي حياتي وڃائي ويٺو.