دبئي ڪراٽي ڪومبيٽ مقابلن ۾ پاڪستان جي ڀارت کي شڪست

 دبئي ۾ ٿيل ڪراٽي ڪومبيٽ مقابلن ۾ پاڪستاني فائيٽرز ڇانيل آهن، پاڪستاني فائيٽرز شاهزيب رند ۽ علي رضوان ڀارتي مخالفن کي پهرئين ئي رائونڊ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي ٻئي علومي ڪريم جي جاءِ تي وڙهندڙ فيضان خان ڀارتي مخالف هٿان هارائي ويو.تقريب جي شروعات ۾ پهرئين رائونڊ ۾ ئي رضوان علي سولائي سان ڀارت جي پون گپتا کي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيوٻئي رائونڊ ۾ علومي ڪريم جي جاءِ تي وڙهندڙ فيضان خان ڀارتي مخالف همانشو ڪوشڪ کان هارائي ويو.ٽئين رائونڊ ۾ شاهزيب رند جو مقابلو ڀارت جي رانا سنگهه سان ٿيو.ميچ جي شروعات ۾ ئي شاهزيب رند مخالف رانديگر تي مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن تي ڀارتي رانديگر پوئتي هٽي ويو، نيٺ هن ڀارت جي رانا سنگهه کي پهرئين ئي رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.اهڙي ريت پاڪستان ڀارت کي ٻه هڪ سان شڪست ڏئي ڇڏي. تقريب ۾ موجود ڀارتي سپر اسٽار سلمان خان به شاهزيب رند کي مبارڪون ڏنيون.