گوگل پيڊ سروس بند ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو، پاڪستان پئسن جي ادائيگي تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد، پاڪستان جي حڪومت طرفان گوگل کي پئسن جي ادائيگين تي راضپو ظاهر ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ گوگل جي پيڊ سروس بند ٿيڻ جو امڪان ختم ٿي ويو آهي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي وزير امين الحق پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ناڻي واري وزارت گوگل کي ادائيگين تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ادائيگيون شيڊول موجب ڪيون وينديون. ادائيگين جو مسئلو حل ٿيڻ کان پوءِ هاڻ پاڪستان ۾ گوگل جي پيڊ ايپس بند نه ٿيندي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو هڪ مهيني تائين پاليسي تي عمل ملتوي ڪري. ٽيلي ڪام آپريٽر کي ادائيگين جي طريقيڪار تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويو. هن چيو ته هڪ مهيني جي اندر آءِ ٽي جي وزارت ۽ ناڻي واري وزارت اسٽيٽ بينڪ سان گڏيل صلاح مشوري کان پوءِ لائحه عمل طئي ڪندا. ٽيلي ڪام آپريٽر آءِ ٽي جي وزارت کان معاملي تي مدد جي اپيل ڪئي هئي امين الحق چيو ته ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزارت ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار طارق باجوه رابطو ڪيو هو. وقت تي فيصلو ڪرڻ تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار طارق باجوه جا ٿورائتا آهيون

پنھنجي راءِ لکو