ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو جي آمريڪي قونصل جنرل سان ملاقات، اهم معاملن تي ڳالهيون

حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو سان آمريڪي قونصل جنرل ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.ميئر حيدرآباد آمريڪي ڪونسل جنرل جي ملاقات دوران ڪمشنر ڊويزن حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، ميونسپل ڪمشنر حيدرآباد ۽ ميونسپل ڪارپوريشن به شريڪ هئا آمريڪي قونصل جنرل سان ميئر حيدرآباد جي ملاقات دوران اهم معاملن خاص طور تي صاف پاڻي جي فراهمي، آبادي ۾ واڌ ۽ حيدرآباد جي پراڻن مسئلن جي باري ۾ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪيون ويون. جنهن دورانل ڪونسل جنرل بحث هيٺ ايندڙ خدشن کي اعليٰ اختيارين تائين پهچائڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ جو واعدو ڪيو. ملاقات کان پوءِ آمريڪي ڪونسل جنرل چونڊيل نمائندن، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز جي چيئرمينن ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي  ميمبرن سان گڏجي چانهه پيتي ۽ خوشگوار ڳالهيون ڪيون.