سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ويڙهه پيپلزپارٽي يا رياست سان ناهي، هو پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان خلاف هڪ خراب سازش ڪئي پئي وڃي، هن سازش ۾ پي ٽي آءِ باني جو وڏو ڪردار آهي، مان سمجهان ٿو ته پي ٽي آءِ باني جو ٽارگيٽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ آهي هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ماڻهن ڪوڙا کاڌا، آصف علي زرداري جيل ڪاٽيا، نوجوان نسل اکيون پٽي، پي ٽي آءِ باني پنهنجي ٻارن کي لنڊن مان پاڪستان گهرائي ۽ تحريڪ هلائي، هن پنهنجي ٻارن کي محفوظ رکيو آهي. سندس چوڻ هو ته ججز جا خط تڏهن ڇو نه آيا جڏهن شهيد ڀٽو کي غير قانوني طور تي قيد ۾ رکيو ويو، بينظير ڀٽو جي چونڊيل حڪومت ڪيرائي وئي، اهي خط تڏهن لکيا وڃن ها جڏهن افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار جهڙا ڪارا دور جاري هئا، هي خط تڏهن لکيا وڃن ها جڏهن ثاقب نثار بدمعاشي ذريعي قانون جو مذاق بڻايو هو. هٿيارن جي اسمگلنگ ڪيس ۾ بابل ڀيو جي مبينا طور ملوث هئڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته هٿيارن جي اسمگلنگ خلاف ڪارروائي به سنڌ پوليس ئي ڪئي، ان جو مطلب سنڌ پوليس آزاد ۽ خودمختيار آهي، شفاف جاچ يقيني بڻائڻ لاءِ بابل ڀيو عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو جرئت ڀريو فيصلو ڪيو.