يو ايس قائونصل جنرل ڪراچي ڪنراڊ ٽربل (Conrad (Tribble پاران مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ قائم پاڻي جي اعليٰ تحقيقي مرڪز جو دورو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي يو ايس قائونصل جنرل ڪراچي ڪنراڊ ٽربل چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو انتهائي ڌين طلب آهي.هن چيو ته آمريڪي حڪومت ۽ امريڪي عوام پاڪستاني شاگردن ۽ استادن جي سکيا لاءِ آمريڪي يونيورسٽين جون اسڪالرشپ مهيا ڪري ٿي.هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، اداري ۾ تحقيق ۽ تدريس جو بهترين ماحول ۽ ڪم ٿي رهيو آهي. قائونصل جنرل چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ مٽاسٽا واري تعليمي پروگرام تحت موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته آمريڪا جي سهڪار سان پاڻي جو اعليٰ تحقيقي مرڪز 2014 ۾ قائم ٿيو جنهن کي ڏهه سال مڪمل ٿيا آهن، انهن ڏهن سالن کي بهترين تحقيق ۽ تدريس جو ڏهاڪو چئي سگهجي ٿو. ان موقعي تي مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪامران انصاري ٻڌايو ته آمريڪي پراجڪيٽ تحت 169 مهراڻ يونيورسٽي جا شاگرد ۽ استاد آمريڪي يونيورسٽين ۾ پڙهڻ ۽ سکڻ لاءِ وڃي چڪا آهن، اهو مٽا سٽا وارو پراجيڪٽ 2019 ۾ پورو ٿي ويو جيڪو ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر ڪامران ٻڌايو ته واٽر سينٽر سنڌ ۽ بلوچستان جي آبپاشي کاتن جي معاونت ۽ مدد ڪري رهيو آهي. تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، مختلف فئڪلٽيز جي ڊينز ڊاڪٽر رضوان ميمڻ، ڊاڪٽر آفتاب احمد ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالستار لاڙڪ ۽ ڊاڪٽر خانجي هريجن سميت استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.