69

راولپنڊي، پهريون ٽيسٽ مي، انگلينڊ ٽاس کٽي پاڪستان خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

راولپنڊي، راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته سٺي راند پيش ڪريو، وڪيٽ بينگ جي لاءِ سٺي لڳي رهي آهي،جڏهن ته بابر اعظم چيو ته جيڪڏهن اسان ٽاس کٽيون ها ته اسان به پهريان بيٽنگ ڪريون ها. ڪوشش هوندي ته انگلينڊ جي ٽيم کي جلد آئوٽ ڪريون.ڪجهه دير اڳ راولپنڊي ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ لاءِ انگلينڊ خلاف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي 11 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو هو، پاڪستان طرفان اڄ سعود شڪيل، حارث رئوف، محمد علي ۽ زاهد محمود ڊيبيو ڪري رهيا آهن بين ڊڪيٽ ۽ زيڪ ڪرالي انگلينڊ طرفان اننگز جي شروعات ڪئي ۽ انتهائي تيزي سان رنسون ٺاهڻ شروع ڪيون.شروعات ۾ انگلينڊ جي ٽيم تيزي سان بيٽنگ ڪندي 100 رنسون 14 اوور ۾ ٺاهي ورتيون. ماني جي وقفي تائين انگلينڊ جي ٽيم بنا ڪنهن نقصان جي 174 رنسون ٺاهيون. اوپنر زيڪ ڪرالي 79 بالن تي 91 رنسون ۽ بين ڊڪيٽ 85 بالن تي 77 رنسون اسڪور ڪيون

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو