گم ٿي ويل ماڻهن جو معاملو آسان نه آهي، عدالتي حڪمن تي تڪڙو حل نٿو ٿي سگهي: اعظم نذير تارڙ

وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ۽ عطا تارڙ چيو آهي ته گم ٿي ويل 2300 ڪيسز جو معاملو حل ڪرڻو آهي وزيراعظم جي هدايت تي اهو معاملو حل ڪيو پيو وڃي. اهو ڪافي پراڻو مسئلو آهي جيڪو عدالتي حڪمن تي تڪڙو حل نٿو ٿي سگهي.اهي ڳالهيون قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اطلاعات واري وزير عطا تارڙ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيون. اعظيم نذير تارڙ چيو ته گم ٿي ويل ماڻهن جو مسئلو حڪومتي ۽ عسڪري حلقن ۾ بحث هيٺ رهيو. پاڪستان چار ڏهاڪن ۾ دهشتگردي کي منهن ڏنو. گم ٿي ويل ماڻهن جو معاملو دهشتگردي سان جڙيل آهي.هن چيو ته گم ٿي ويل ماڻهن جو معاملو پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ پهريون ڀيرو اٿاريو ويو جنهن کان پوءِ 10 هزار 200 ڪيسز ڪميشن ۾ ويا انهن مان 6 هزار کان وڌيڪ ڪيسز ڪميشن ۾ حل ٿيا. گم ٿي ويل ماڻهن جا 2300 ڪيسز حل طلب آهن. وزيراعظم جي هدايت تي گم ٿي ويل ماڻهن جو معاملو حل ڪيو پيو وڃي. اهو چار ڏهاڪن تي ٻڌل مسئلو آهي اهو معاملو عدالتي حڪمن سان راتو رات حل نٿو ٿي سگهي.اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو ته هن ملڪ ۾ شهيد ٿيندڙ جي وارثن کي خدشا آهن. 2011 ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جو ڪميشن بنايو ويو. گم ٿي ويل ماڻهن جا صرف 23 سيڪڙو ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن. گم ٿي ويل ماڻهن جي معاملي تي تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو. اي سي ايل بابت قائدا ۽ ضابطا موجود آهن. هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته گهرو وزارت مان جيڪا سمري آئي ڪابينه قائدن موجب ان تي فيصلو ڪندي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ ڪنهن ڊيل جو حصو نه آهي. ٻئي پاسي قانون واري وفاقي وزير جسٽس ڪانفرنس ۾ تقريب کي به خطاب ڪيو. هن چيو ته  صورتحال جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پاڪستان 3 يو اين معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. وقت جي گهرجن موجب قانون ۾ بهتري جو عمل جاري رهندو آهي. ان حوالي سان اعليٰ عدليه جا فيصلا اسان جي رهنمائي ڪندا آهن. هن چيو ته منشيات جي ڪيسز ۾ موت جي سزا جي حوالي سان مختلف ڳالهيون سامهون آيون جنهن کان پوءِ پارليامينٽ قانونسازي جي ذريعي ڦاهي کي ختم ڪيو. يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت عوام جي بهتري لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملي ڪم ڪندي.