ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جي ڪم جو جائزو ورتو سچل ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي عملدارن کي ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي

تفصيل موجب ڪمشنر لاڙڪانه ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جي ڪم جو جائزو وٺڻ لاء ڪنڌڪوٽ پهتو ڪمشنر لاڙڪانه پل جي هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو . تنهن کان بعد ڪمشنر لاڙڪانه جي سربراهي هيٺ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ايس ايس پي بشير احمد بروهي وينگ ڪمانڊر رينجرز ڪرنل جميل احمد ٽنهي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز سي او سچل ڪنسٽرڪشن ڪمپني ۽ ٻين واسطيدار عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ۽ نجي ڪمپني سي او پاران ڪمشنر کي بريفينگ ڏني.ماضي ۾ پل جو ڪم جنهن به وجه کان رڪيل هو پر هاڻي اسان سڀ هڪ ئي پيج تي آهيون . پل جي ڪم کي تيز ڪيو وڃي جئين وقت سر پراجيڪٽ جي تڪميل ٿي سگهي.
ڪمشنر لاڙڪانه ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ۽ ايس ايس پي ڪشمور ڊي آفيس اندر وڻ جو ٻوٽو پڻ لڳايو.