ڪنڌڪوٽ لڳ زمين جي مالڪي تان بگٽي ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ هڪ ڄڻو قتل ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون

ڪنڌڪوٽ لڳ رسالدار ٿاڻي جي حد ۾ بگٽي ۽ جکراڻي برادري ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، پوليس پھچي ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرايو پوليس لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو قتل ٿيل جي سڃاڻپ گوڙو جکراڻي جي نائون سان ٿي آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو