موٽر وي پوليس جو ايڊيشنل آءِ جي سينٽرل صابر ڪياني موٽروي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ لڳو، اختياريون خاموش تماشائي بڻيل

موٽر وي پوليس جا اعليٰ آفيسر پاڻ ئي قانون جون ڌڄيون اڏائڻ لڳا. ايڊيشنل آءِ جي سينٽرل صابر ڪياني موٽر وي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ لڳو. رپورٽ موجب موٽر وي پوليس  ۾ مقرر ٿيل ايڊيشنل آءِ جي سينٽرل صابر ڪياني اڇي ڪرولا ڪار ۾ ايم ٽو لاهور، اسلام آباد روڊ تي فل اسپيڊ ۾ گاڏي هلائڻ لڳو. ذريعن موجب صابر ڪياني جي گاڏي جي تيز رفتاري موٽر وي تي لڳل ڪيمرائن ۾ رڪارڊ ڪئي وئي. گاڏي ڊوڙائڻ دوران صابر ڪياني جي گاڏي جي اسپيڊ 151 رڪارڊ ڪئي وئي ذريعن موجب موٽر وي پوليس جون اعليٰ اختياريون ايڊيشنل آءِ جي موٽر وي صابر ڪياني طرفان موٽر وي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ باوجود خاموش تماشائي بڻيل آهن. ان حوالي سان مسافرن چيو  آهي ته موٽر وي پوليس جا آفيسر ٻين کي ته قانون تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڏيندا آهن پر پاڻ انهي تي عمل  نه ڪندا آهن. مسافرن موجب موٽر وي پوليس کي پنهنجن آفيسرن جي خلاف به ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.