وزيراعظم ۽ چيف جسٽس ڪراچي جي کاڌن جا شوقين نڪتا، نهاري ۽ ڪچورين جي تعريف

وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ٻئي ڪراچي جي کاڌن جا شوقين نڪتا.ڪراچي ۾ واپارين کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي عرب جا سرمائيڪار پاڪستان اچڻ وارا آهن اوهان انهن کي نهاري کارايو، ڪباب کارايو، ڪراچي جي نهاري لاجواب آهي، مون کي اڃان تائين ڪراچي جي نهاري ۽ ڪباب نٿا وسرن. اسان سعودي مان آيل مهمانن جي مهمان نوازي ڪري  واپار وڌائينداسين. ٻئي  طرف ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي مانجهاندي ۾ ڳالهيون ڪندي چيف جسٽس قاضي فائز ڪراچي سان جڙيل پنهنجي يادن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته ڪراچي جي کاڌن جو ذائقو اڄ به مون کي چڱي طرح ياد آهي. ڪراچي ۾ ڪجهه يادون تازيون ٿي ويون آهن. ڪراچي ۾ کاڌا سٺا ملندا هئا.  هتان جي ڪچوري مون کي تمام گهڻي پسند آهي ان وقت اها ڪچوري هڪ روپئي جي ملندي هئي جنهن کي مان شوق سان کائيندو هئس.