جيڪب آباد: هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 3 پوليس اهلڪارن سميت 7 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش

جيڪب آباد ۾ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 3 پوليس اهلڪارن سميت 7 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،  عدالت ۾ پيشي دوران دوران گرفتار ٿيل اي ايس آءِ امتياز ڀٽو صحافين سان ڳالهيون ڪندي جيڪب آباد پوليس مٿان الزام مڙهيندي چيو ته منهنجي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مون سان انصاف ڪيو وڃي. رپورٽ موجب جيڪب آباد  جي عدالت ۾ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، جنهن ۾ گرفتار ٿيلن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو  مولاداد پوليس 3 پوليس اهلڪارن سميت 7 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري 5 ڏينهن جي ريمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت پوليس جي ريمانڊ جي درخواست منظور ڪندي گرفتار اي ايس آءِ سميت 7 جوابدارن کي 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران گرفتار ٿيل اي ايس آءِ امتياز ڀيو صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان کي جيڪب آباد پوليس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي اسان پنهنجي پوليس موبائيل جيڪب آباد ۾ مستري کان ٺهرائڻ آيا هئاسين ته پوليس اسان کي گرفتار ڪيو  هن چيو ته پوليس پاران هٿ ڪيل هٿيارن ۽ گولين سان اسان جو ڪوبه واسطو ناهي پوليس اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو آهي. اسان سان انصاف ڪيو وڃي.