سکر ،اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ واري فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪونه ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت جلد پنهنجو فيصلو واپس وٺي ورنه جي ٽي آء ڀرپور مزاحمت ڪندي ، جی ٽي آء ضلع سکر جي صدر اسامہ محمود ہاليجوي، جمعیت طلباء اسلام ضلعه سکر جي طرف کان اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جي اعلان خلاف صوبائی قیادت جي حڪم تي ضلع سکر ۾ ڀرپور احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي ريلي جامعه منزل گاه کان شروع ٿي شھر جي مختلف جڳهن کان ٿيندي پریس ڪلب سکر پهتي جتي سنڌ حڪومت جي هن فيصلي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو احتجاج جي قیادت جی ٽي آء ضلع سکر جي صدر اسامہ محمود ہاليجوي جي ٽي آء سکر جي جنرل سيڪريٽري فياض احمد ميراڻي ڪئي ان موقعي تي جي ٽي آء رضوان احمد محمد يوسف چنه امام شامل انڊھڙ سليم الله غلام نبي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو اسان سنڌ حڪومت جي هن فيصلي کي جوتي جي نوڪ تي رکون ٿا فيصلي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو سنڌ باب الاسلام آھي ۽ رهندي سنڌ حڪومت جلد پنهنجو فيصلو واپس وٺي ورنه جمعيت طلباء اسلام ڀرپور مزاحمت ڪندي
