بدين ۾ گورنمينٽ ايليمنٽري اسڪول اندر شرپسندن جو حملو، شاگرد ۽ استاد زخمي

 بدين ۾ گورنمينٽ ايليمنٽري اسڪول اندر پنج شرپسندن جو حملو، شاگرد ۽ استاد زخمي ٿي پيا.پڙهائي دوران بلاڪ ۾ داخل ٿي نائين ڪلاس شاگرد نصر اللہ احمداڻي کي تي تشدد ڪيو.شاگرد جي اک ضايع ٿيڻ جا اطلاع استادن جي وچ ۾ پوڻ تي کين سروٽا لٺيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اطلاع تي تعلقا ايجوڪيشن دلاور هليو پهچي ماحول کي ٿڌو ڪيو پيپر ڏيڻ لاءِ ايندڙ شاگردن شاگردياڻين ۾ خوف حراس ڦهلجي ويو. اسڪول جي هيڊ منسٽريٽر ميڊم عابده جمالي موجب ته اڄ اسڪول جي پڙهائي دوران پنج ڄڻا هر هڪ غلام مصطفيٰ چانڊيو، اسلم چانڊيو، قاسم جمالي، ساجد چانڊيو ۽ ٻيا بلاڪ ۾ داخل ٿيا هڪ شاگرد تي تشدد ڪيو، ڇڏائڻ پوڻ دوران استادن ۽ شاگردن تي به حملو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پنج  استاد ۽ هڪ شاگرد زخمي ٿيو آهي، افتحاحي رپورٽ ماڊل ٿاڻي بدين تي داخل ڪئي وئي آهي، معلوم ٿيو آهي ته شاگرد ۽ حملو ڪندڙن وچ ۾ موبائيل تي چيٽينگ دوران ڪالھ منهن ماري ٿي هئي جنهن تان هي مسئلو پيش آيو آهي.