سکر، شاھ لطيف يونيورسٽي ۾ سارڪ فرضي ڪانفرنس ۾ طالبان سرڪار طرفان افغانستان جي عورت وزير اعظم شرڪت ڪئي. مختلف ملڪن جي نمائندگي ڪندڙ شاگردن خطي اندر امن، گڏيل سھڪار ۽ ماحولياتي تبديلي تي خيالن جو اظھار ڪندي ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪندڙ ملڪن کان ماحولياتي انصاف جو مطالبو ڪيو آھي. ڪالھ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊيز شعبي پاران اسٽوڊنٽس سوسائٽيز سروس سينٽر جي آڊيٽوريم ۾ ڏکڻ ايشيائ جي 8ملڪن تي ٻڌل تنظيم سائوٿ ايشين ايسوسئيشن فار ريجنل ڪوآپريشن (سارڪ) جو فرضي ڪانفرنس ڪوٺايو ويو. مالديپ جي فرضي ميزباني ھيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شاگردن جي گروپس تنظيم جي 8 ئي ميمبر ملڪن افغانستان، پاڪستان، بنگلاديش، ڀارت، ڀوٽان، نيپال، سريلنڪا ۽ ماليپ جي ڌار ڌار نمائندگي ڪئي. جڏھن تھ ڪانفرنس ۾ امارت اسلامي افغانستان جي طالبان سرڪار جي فرضي وفد جي سربراھي افغانستان جي عورت وزير اعظم ساجدا ڪئي. ڪانفرنس ۾ افغانستان جي عورت وزير اعظم طور طالبان سرڪار جي پاران نمائندگي دلچسپي جو مرڪز رھيو. سارڪ فرضي ڪانفرنس ڪوٺائيندڙ پاڪستان اسٽڊيز شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر سراج احمد سومرو پنھنجي خطاب ۾ چيو تھ فرضي سارڪ ڪانفرنس ۾ افغانستان پاران عورت وزير اعظم جي شرڪت اصل ۾ طالبان سرڪار لاءِ ھڪڙو محبت ڀريو پيغام آھي تھ اھي پنھنجي قدامت پسندي وري سوچ کي جديد تقاضائن موجب حڪمراني ڪن ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي بدران انھن کي سياسي عمل ۾ نمائندگي ڏين تھ ان سان ئي طالبان بابت دنيا جو تصور تبديل ٿي ويندو ۽ افغانستان جي ترقي تڏھن ممڪن آھي جڏھن اتي جمھوري ۽ انساني قدرن جو تحفظ ڪيو ويندو. امن، گڏيل سھڪار ۽ ماحولياتي تبديلي جي عنوان ھيٺ ڪوٺايل سارڪ فرضي ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن جي نمائندگي ڪندڙ اڳواڻن ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن جي قيام، خطي کي آڏو مختلف معاشي، سياسي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ گڏيل سھڪار تي زور ڀريو. جڏھن تھ ماحولياتي تبديلين سبب ھلندڙ سال ڏکڻ ايشيائي ملڪن خاص طور پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ ٻوڏ ۽ برساتي تباھين تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو. اڳواڻن چيو تھ ماحولياتي تبديلي سبب وڏي تباھي کي مُنھن ڏيندڙ ملڪن جي تباھي جا ذميوار گرين گئسز پيدا ڪندڙ ملڪ آھن، تنھنڪري بنا دير جي ماحولياتي تبديلي جو سبب بڻجندڙ گريس گئسز پيدا ڪندڙ ترقي يافتا ملڪ ماحولياتي انصاف جو مظاھرو ڪن ۽ ماحولياتي تبديلي سبب تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي تباھين کي منھن ڏيندڙ ملڪن جي فوري طور امداد ڪن. ھڪ ڏينھن واري فرضي سارڪ ڪانفرنس ۾ شاگردن شفقت حسين، عبدالرزاق، عدنان حيدر، آزاد، ارشد، عابد، صائما، نگينا، ساجدا، مريم الطاف، صبا، غنوا، احمر علي سميت مختلف شاگردن مختلف ملڪن جي فرضي نمائندگي ڪئي.
