ڳالهيون صرف فوج سان ڪنداسين، عوام طرفان رد ڪيل ماڻهن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن: شهريارآفريدي

 تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي چيو آهي ته صرف آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهيون چاهيون ٿا، عوام جي رد ڪيل ماڻهن سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي شهريار آفريدي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته هي پاڻ محتاج آهن، ريموٽ ڪنٽرول سان ڪنٽرول ٿي رهيا آهن. فارم 47 جي ذريعي ايوان ۾ آيا آهن. عوام جن کي رد ڪيو آهي اهي اسان سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا؟ هن وڌيڪ چيو ته عام چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي جي باوجود هي ناڪام ٿي ويا آهن. جيڪڏهن هنن ۾ اخلاقي جرئيت آهي ته پاڻ چون ته اسان کي عوام ووٽ نه ڏنو آهي، اسان حڪومت ڇڏيون ٿا. شهريار آفريدي وڌيڪ چيو ته فوج سان ڳالهيون ٿينديون ۽ تمام جلد ٿينديون اهڙن ماڻهن جي اسٽيبلشمينٽ مدد ڪئي آهي. منهنجو اڳواڻ اين آر او نٿو چاهي. اسان پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ ڳالهيون چاهيون ٿا.شهريار آفريدي چيو ته هي فارم 47 جي ذريعي ايوان ۾ آيا آهن، (ن) ليگ کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، هي پاڻ محتاج ۽ ريموٽ ڪنٽرول آهن انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿينديون.