سولر سسٽم استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ بجلي گهٽ ۾ گهٽ 3 روپيه في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت سولر سسٽم تي منتقل ٿيندڙن جي لاءِ گڏيل ميٽرنگ متعارف ڪرائي ويندي. رپورٽ موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي گهريلو يا ڪمرشل سولر پينل لڳائيندڙن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. توانائي واري وزارت جي اختيارين موجب حڪومت اهڙن گهريلو ۽ واپاري صارفين جي لاءِ نيٽ ميٽرنگ جي بجاءِ گڏيل ميٽرنگ متعارف ڪرائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي بجلي جي يونٽس جي بجاءِ سولر سسٽم تي منتقل ٿي ويا آهن. اعليٰ ۽ وچولي طبقي پنهنجين ڇتن تي سولر سسٽم لڳائي ورتا آهن پر انهي عمل جي ڪري جيڪي ماڻهو اڃان تائين سولر سسٽم نه لڳائي سگهيا آهن اهي ريونيو ۾ ٿيندڙ نقصان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ في يونٽ 3 روپين کان وڌيڪ ادا ڪري رهيا آهن.