خيبرپختونخواهه ۾ تعلقه ڪائونسل چيئرمين لاءِ 6 خالي سيٽن تي ضمني مڪاني چونڊن جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. اليڪشن ڪميشن موجب سمورن تعلقن ۾ پولنگ جي شروعات صبح 8 وڳي ٿي ۽ پولنگ شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي. صبح کان وٺي عورتون به پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشنن تي موجود آهن. پولنگ عمل جي نگراني ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسرز ۽ ضلعي مانيٽرنگ ٽيمون ڪري رهيون آهن. اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ مرڪزي ڪنٽرول روم کان لوڪل گورنمنٽ ضمني چونڊن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. پولنگ يا چونڊ عمل جي دوران قانون جي ڀڃڪڙي تي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته چيئرمين تعلقه ڪائونسل جون 6 سيٽون استعيفائون ڏيڻ سبب خالي ٿيون هيون جن تي اڄ پولنگ ٿي رهي آهي.