پاڪ افغان سرحدي گذر گاهه طورخم تي ڪسٽم عملي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ٽرڪ جي ڳجهن خانن مان هڪ ارب روپين جي ماليت جي آئس ۽ هيروئن هٿ ڪري ورتي آهي. چيف ڪليڪٽر ڪسٽم خيبرپختونخواهه سعيد اڪرم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته افغانستان مان منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڳجهي اطلاع ملي هئي جنهن تي ٽيم کي خصوصي ذميواري ڏني وئي. ڪسٽم عملي افغانستان مان داخل ٿيندڙ خالي ٽرڪ جي تلاشي ورتي ته ٽرڪ مان 14 ڪلو آئس ۽ 19 ڪلو گرام هيروئن هٿ آئي هن ٻڌايو ته ٽرڪ کي قبضي ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پڪڙيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت هڪ ارب روپيه آهي. ڪسٽم عملي گذريل هڪ مهيني دوران طورخم سرحد ۽ مختلف هنڌن تان 1390 ملين روپين جي ماليت جي منشيات پڪڙي آهي.