ٽانڪ ۾ سيشن جج جي اغوا ڪيس بابت خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جي ايف آءِ آر به دهشتگردي جي انت واري اداري ۾ داخل ڪئي وئي آهي. پوليس موجب جج جي اغوا ڪيس بابت ٺهيل ڪميٽي ۾ سي ٽي ڊي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون اختياريون شامل آهن جڏهن ته جج جي بازيابي لاءِ سي ٽي ڊي ۾ ڌار ٽيمون جاچ ڪري رهيون آهن. پوليس اختيارين موجب جج جي گاڏي کي هٿ ڪيو ويو آهي ان سان گڏ ئي واقعي واري هنڌ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته ڊي آءِ خان ريجن جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ۽ ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کان به جاچ جو سلسلو جاري آهي. ٻئي طرف ڊي آءِ خان ۽ ٽانڪ سرحد تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ڪنهن به گاڏي ۽ شخص کي بنا تلاشي جي پختونخواهه کان پنجاب ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.