مردان ۾ نوشهره روڊ تي شاپنگ مال جي عملي سان جهيڙي دوران ريلوي پوليس جا 2 اهلڪار مارجي ويا آهن. پوليس موجب ريلوي پوليس سان جهيڙي ۾ شاپنگ مال جي عملي جا 4 ڄڻا زخمي به ٿيا هئا. پوليس اختيارين موجب ريلوي جي زمين تي قائم شاپنگ مال کي اختيارين ليز جي معاملي تي بند ڪري ڇڏيو هو اڄ شاپنگ مال ٻيهر کولڻ تي ريلوي پوليس ۽ شاپنگ مال عملي ۾ جهيڙو ٿيو هو. پوليس موجب شاپنگ مال عملي چيو آهي ته عدالت کان اسٽي آرڊر وٺي شاپنگ مال کولي ڇڏيو هو. ايس پي سٽي شفيع الرحمان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.