پاڪستان جي چئن آرٽ يونيورسٽين سهڪار، خيالن جي مٽا سٽا، نصاب جي ترقي، تربيت ۽ دلچسپي جي ٻين شعبن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ NISA نالي هڪ معاهدو ڪري ورتو آهي. پاڪستان جي چئن آرٽ يونيورسٽين شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو، نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور، اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊيزائن اينڊ هيريٽيج سکر ۽ انڊس ويلي اسڪول آف آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر ڪراچي، سهولتن جي مٽا سٽا ۾ سهڪار ڪرڻ، عملي جي ميمبرن جا دورا، نصاب جي ترقي، علمي سرگرمين، سکيا ۽ تجربي کي وڌائڻ ۽ پيشي وراڻي ترقي ۾ واڌاري لاءِ اعليٰ سطح تي پهريون ڀيرو تاريخي معاهدو صحيح ڪيو. سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ۽ اروڙ يونيورسٽي آف آرٽس سکر جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ اروڙ يونيورسٽي سکر ۾ منعقد سنڌو ماٿري جي تهذيب ۾ مذهبي هم آهنگي جي ڊپلوميسي بابت پهرين عالمي ڪانفرنس دوران معاهدي تي صحيحون ڪيون معاهدي ۾ خيالن جي ڏي وٺ، سهولتن جي مٽا سٽا کي آسان بڻائڻ، نصاب جي ترقي، علمي سرگرميون جهڙوڪ ڪورسز، سيمينار، ٽريننگ، ڪانفرنس، ۽ سمپوزيم ۾ حصو وٺڻ ۽ صنعتن سان لاڳاپيل سرگرمين کي همٿائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. معاهدي موجب انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن جي صنعتي ۽ مطالعاتي دورن ۽ عملي جي ميمبرن جي باهمي دورن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ، عملي جي سکيا ۽ تجربي، پيشي وراڻي ترقي، تعليمي پروگرامن ۾ سهڪار، گڏيل اشاعت، تحقيقي سرگرمين، مهارت کي فروغ ڏيڻ، عملي لاءِ گهربل تربيت، شاگردن لاءِ ڪيريئر ڊولپمينٽ ۽ اسڪالر پروگرامن ۾ واڌاري نقطن تي اتفاق ڪيو ويو.