ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 4 دهشتگرد مارجي ويا، هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ

 سيڪيورٽي فورسز جي ضلعي ٽانڪ ۾ آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ضلعي ٽانڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو جنهن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي ڳولا ڪري آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته آپريشن 28 ۽ 29 اپريل جي وچولي رات تي ڪيو ويو جنهن ۾ مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو آهي جڏهن ته مارجي ويل دهشتگرد دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته مقامي ماڻهن سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي تعريف ڪئي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. ٻئي پاسي لکي مروت ۾ پوليس جي چوڪي تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي ڪارروائي تي حملي آور فرار ٿي ويا.