ڪنهن کي يقين نه هو معيشت سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندس: شمشاد اختر

اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر ۽ اڳوڻي نگران واري وزير شمشاد اختر چيو آهي ته اسان جي دور ۾ ڪنهن کي يقين نه هو ته مان ايترو بهتر طريقي سان معيشت تي ڪنٽرول ڪري وٺندس. ڪراچي ۾ اوورسيز چيمبر ۾ وومين امپاورمينٽ ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر شمشاد اختر چيو ته ائين نه آهي ته عالمي سطح تي ادارن ۾ عورتن جي خلاف ساڙ نه آهي. هن چيو ته بينڪنگ سيڪٽر جا ماڻهو طاقتور ۽ پئسي وارا آهن، مون پنهنجي دور ۾ تمام سخت فيصلا ڪيا، ناڻي جي وزارت وارا سمجهندا هئا ته مون کي ڪابه خبر نه هئي، ڪنهن کي به يقين نه هو ته مان معيشت سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندس. اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر چيو ته مون کي پريزينٽيشنز ڏني پئي وئي، مون چيو ته مان معيشت جي ماهر آهيان، مون کي هتي رهڻ ڏيو، سول سرونٽس جذبو نه وڌائيندا آهن اوهان کي پاڻ ئي ڪم ڪرڻو پوندو آهي.