ڄامشورو:(پريس رليز) سبيس يونيورسٽي ڄامشورو جي وومين هراسمينٽ ڪميٽي پاران حڪومت پاڪستان جي حراسان ڪرڻ خلاف جوڙيل وفاقي محتسب جي سهڪار سان ڪم واري هنڌ تي عورتن کي حراسان ڪرڻ خلاف تحفظ (ورڪ پلیس هراسمينٽ ايڪٽ) بابت آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي محتسب سنڌ جي ريجنل هيڊ صبيقه شاهه چيو ته پاڪستاني عورتن کي ڪم لاءِ ٻاهر وڃڻ گهرجي ڇو ته هڪ آمدنيءَ تي ڀروسو ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي ۽ موجوده حالتن ۾ خرچن کي پورو ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي. هن چيو ته اسان جو ادارو نج سرڪاري ۽ هڪ آزاد عدالت جي حيثيت سان ڪم ڪري ٿو ۽ سڀني جا ڪيس رپورٽ داخل ڪرڻ جي 90 ڏينهن اندر معاملو حل ڪيو ويندو آهي. صبيقه شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به شخص سان زيادتي واري واقعي ۾ ڪو به ڏوهه ثابت ٿئي ٿو ته ان کي قانون موجب منهن ڏيڻو پوندو ۽ ڪنهن خاص مجرم کي سزا ڏيڻ سڄي مسئلي جو حل ناهي پر شهرين جي ڊگهي تحفظ لاءِ مجموعي ڪلچر کي تبديل ڪرڻو پوندو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي محتسب سنڌ جي اسسٽنٽ رجسٽرار اُفيفه سمون ۽ اسسٽنٽ لا آفيسر سنڌ محمد آليان چيو ته پاڪستان عورتن جي امن ۽ سلامتي جي انڊيڪس ۾ چوٿون بدترين ملڪ آهي، 82 سيڪڙو عورتن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ هراسان ڪيو وڃي ٿو پر 80 سيڪڙو عورتون دعويٰ ڪن ٿيون ته پوليس سندن شڪايت تي ڪجهه به نه ڪيو. هنن چيو ته وفاقي محتسب، انصاف، سالميت، شفافيت، آزادي، تڪڙي، رازداري، پهچ، غير رسمي ۽ غير جانبداري تي يقين رکي ٿو. مقررين وڌيڪ چيو ته ڪنهن به وفاقي محتسب جي اداري ۾ ‘بدانتظامي’ بابت شڪايتن جي آزادانه جاچ ذريعي شڪايتون حل ڪجن ٿيون ۽ عوام کي رليف فراهم ڪجي ٿو ۽ شين کي درست ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي ٿو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو وفاقي محتسب جي ٽيم جو آگاهي سيمينار منعقد ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ يونيورسٽي جي هر شاگرد ۽ ملازم کي يقين ڏياريو ته هو ڪيمپس جي احاطي ۾ آزاد محسوس ڪري ۽ يونيورسٽي کي هراساني کان پاڪ زون بڻائيندو. سيمينار ۾ شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.