پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن انهن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ جي حوالي سان ملهايو پيو وڃي. هن سال هن ڏينهن جو موضوع موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ڪم جي جڳهه کي محفوظ ۽ مزدورن جي صحت کي يقيني بنائڻ آهي. مختلف سرڪاري ۽ نجي تنظيمن مزدور طبقي جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪانفرنس ۽ سيمينار سميت مارچ جو اهتمام ڪيو ويو آهي. اڄ پاڪستان ۾ عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي چيو آهي ته مان مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سڄي دنيا جي مزدورن کي سلام پيش ڪريان ٿي، پورهيت الله جا دوست آهن الله جي دوستن کي منهنجو سلام، دين اسلام حق حلال جي لاءِ محنت کي عظمت جو درجو مزدورن جي عزت جو شعور ڏنو آهي. هن چيو ته مان محنت ڪري خاندان جو سهارو بنجندڙ ڪارڪن عورتن کي خاص طور تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي. بلوچستان جي وڏي وزير مزدورن جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مزدور ڪنهن به معاشري ۽ ملڪ جي ترقي ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. بلوچستان ۾ مزدورن جي بهبود لاءِ عملي ڪم ٿي رهيو آهي. پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان مزدورن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. مان فيڪٽرين ۽ زمينن تي مزدوري ڪندڙ مزدورن سميت پگهر وهائي رزق حلال ڪمائيندڙ پورهيتن کي سلام پيش ڪريان ٿو.