وفاقي سرڪار پيٽرول 5 روپيه 45 پئسا، ڊيزل 8 روپيه 42 پئسا في ليٽر سستو ڪري ڇڏيو

 وفاقي سرڪار ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 5 روپيه 5 پئسا لاٿ ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي في ليٽر قيمت 288 روپيه 49 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 8 روپيه 42 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي نئين قيمت 281 روپيه 96 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي. لائٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 5 روپيه 63 پئسا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 روپيه 74 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. نيون قيمتون پهرين مئي کان 15 مئي تائين لاڳو هونديون، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ سان گڏ وزيراعظم پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي.