ڊيره غازي خان جي تعلقي تونسه شريف جي جهنگي چيڪ پوسٽ تي پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو. پوليس جي جوانن 3 ڪلاڪ تائين وڙهندي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائي ڇڏيو. پوليس ترجمان موجب حملي ۾ جهنگي چوڪي تي مقرر 7 جوان بهادري سان وڙهندي زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻڌايو ته 15 کان 20 دهشتگردن رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي مختلف طرفن کان حملو ڪيو دهشتگردن حملي دوران راڪيٽ لانچرز، هينڊ گرينڊ، ليزر لائٽ گنز سميت جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو. دهشتگردن جهنگي پوليس چيڪ پوسٽ تي قبضو ڪري مقرر اهلڪارن کي يرغمال بنائڻ چاهيو ٿي. دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيلن ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر عمران، ڪانسٽيبل عامر، عاشق زين، رحمت الله، ثناءُالله ۽ ايليٽ ڪانسٽيبل طارق شامل آهن جڏهن ته سخت زخمي ايليٽ ڪانسٽيبل شاهد منظور کي نشتر اسپتال ملتان منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته 14 جنوري تي ضلعي تونسه شريف جي تعلقي وهوا جي جهنگي پوليس چوڪي تي ٻن موٽر سائيڪل سوارن جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ شهري مارجي ويا هئا جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو هو.