حڪومت مزدورن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: صدر، وزيراعظم

مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. صدر آصف زرداري مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته معقول اجورو، مزدورن جي سلامتي ۽ سندن صحت جي لاءِ قدم کنيا وڃن. عالمي ڏينهن پاڪستان جي ترقي لاءِ محنت ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته اسان مزدورن جي وقار کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ارادو ڪريون ٿا. پاڪستان ۾ مزدور طبقي کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن جهڙن چيلنجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. آصف علي زرداري چيو ته مزدورن جي ٻارن لاءِ تعليمي سهولتن جا قدم کنيا پيا وڃن ۽ اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مزدور طبقو پاڪستان جي ترقي لاءِ پنهنجو رت ۽ پگهر وهائيندو آهي. مختلف شعبن ۾ پيشوارانه حفاظت ۽ صحت کي يقيني بنائڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اسان جلد ئي انهي مقصد جي لاءِ هڪ قومي ليبر ڪانفرنس ڪوٺائينداسين. هن چيو ته هلندڙ مهانگائي اسان جي مزدور طبقي کي سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. حڪومت خصوصي پروگرامن جي ذريعي ڪمزور پاڪستانين جي پريشانين جي ازالي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي.