پشاور ۽ پنجاب ۾ اٽو وڌيڪ سستو ٿي ويو، پشاور ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 300، جڏهن ته پنجاب ۾ 200 روپيه گهٽ ٿي وئي آهي. فلورملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا چيو ته پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي نئين قيمت 2 هزار روپيه ٿي وئي آهي. چيئرمين فلورملز ايسوسيئيشن موجب ڪڻڪ جي قيمت گهٽ ٿيڻ سان اٽو سستو ٿيو آهي، فلورملز هارين کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪري ڇڏي آهي. عاصم رضا چيو ته اسان هارين سان گڏ آهيون، حڪومت بين الصوبائي پابندي ختم ڪري ۽ ٻين صوبن کان ڪڻڪ خريد ڪري پنجاب جي هارين کي نقصان کان بچائي. ٻئي طرف پشاور ۾ به اٽي جون قيمتون گهٽ ٿي ويون، 300 روپين جي گهٽتائي کان پوءِ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1900 روپين جو ٿي ويو آهي. اٽي جي ڊيلرز ٻڌايو ته اٽي جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته گذريل ٻن هفتن دوران اٽي جي قيمت ۾ هڪ هزار روپيه گهٽتائي آئي آهي پر قيمت ۾ گهٽتائي جي باوجود گهٽ وزن جي ماني جو وڪرو جاري آهي.