وزيراعظم غير ضروري خريد ڪيل ڪڻڪ جي جاچ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف نگران حڪومت جي دور ۾ غير ضروري خريد ڪيل ڪڻڪ جي جاچ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ميان مشتاق نگران دور ۾ ڪڻڪ خريداري جي جاچ مڪمل ڪري وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندو. حڪومت فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سينئر ميمبر ميان مشتاق کي چيئرمين لڳائڻ جو فيصلو به ڪيو آهي. ميان مشتاق جي ايف پي ايس سي ۾ 13 مهينا سروس باقي رهي ٿي. 15 ڪامن سان تعلق رکندڙ ميان مشتاق پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گريڊ 22 جو رٽائرڊ آفيسر آهي.