پنجاب ۾ ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ هارين کي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو

پنجاب حڪومت ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرائڻ ۾ هارين کي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرائڻ ۾ هارين جي مدد ڪئي ويندي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرائڻ لاءِ هارين کي 12 ارب روپيه ڏنا ويندا. هر هاري پنهنجو ٽيوب ويل 20 ڪلو واٽ تائين سولر تي منتقل ڪري سگهي ٿو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پنجاب حڪومت في ٽيوب ويل تي 50 سيڪڙو تائين سبسڊي ڏيندي. سبسڊي ڏيڻ جو مقصد هارين جي بجلي جي لاڳت ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي.