سيڪيورٽي ۽ بلٽ پروف گاڏين کان سواءِ چيني شهرين جي گهمڻ ڦرڻ تي پابندي

پوليس پرائيويٽ سيڪيورٽي ۽ بلٽ پروف گاڏين کان سواءِ چيني شهرين جي گهمڻ ڦرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پوليس جي اهڙي فيصلي کان پوءِ ڪيترائي ڪاروباري چيني شهري بنا سيڪيورٽي جي ڪري هوٽلن تائين محدود ٿي ويا آهن جڏهن ته نان سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس طرفان خط به لکيو ويو. ٻئي طرف گهرو وزارت چيو آهي ته 2 ڏينهن دوران بلٽ پروف گاڏيون نه وٺندڙ چيني شهرين جا پراجيڪٽ بند ڪيا ويندا، بلٽ پروف گاڏيون خريد ڪيون وڃن يا ڀاڙي تي حاصل ڪيون وڃن. هوڏانهن گهرو وزارت جي سيڪشن آفيسر چائنيز سيڪيورٽي ڊي آءِ جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ کي خط لکي ڇڏيو، بلٽ پروف گاڏيون خريد ڪرڻ جي لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت نجي ۽ سرڪاري نان سي پيڪ منصوبن کي ڏني وئي آهي، اختيارين چيني شهرين کي سيڪيورٽي ۽ بلٽ پروف گاڏين جي لاءِ پهريان آگاهه ڪري ڇڏيو هو.