وفاقي ناڻي واري وزارت پنهنجي فسڪل آپريشن رپورٽ ۾ موجودا مالي سال 2023_24 ۾ جولاءِ کان مارچ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. فسڪل آپريشن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جولاءِ کان مارچ تائين بجيٽ خسارو 3 ڏهائي 7 سيڪڙو رهيو جيڪو 9 مهينن دوران 3902 ارب رپيا ٿي ويو. رپورٽ موجب، جولاءِ کان مارچ 2024ع تائين ڪل آمدني 9780 ارب رپيا رهي جڏهن ته ڪل خرچ 13 هزار 682 ارب رپيا رهيا ۽ جولاءِ کان مارچ تائين ٽئڪس آمدني 7262 ارب رپيا رهي. رپورٽ موجب، ان دوران وفاق طرفان 6711 ارب ۽ صوبن پاران 550 ارب رپين جا ٽئڪس جمع ڪرايا ويا، 9 مهينن دوران نان ٽئڪس آمدني 2517 ارب رپيا رهي جڏهن ته جاري خرچن جي مد ۾ 12 هزار 333 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته قرضن تي وياج جي ادائيگي جي مد ۾ 5517 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا جڏهن 9 مهينن دوران دفاع تي 1222 ارب رپيا ٿيا.
