پشاور، آزاد ڪشمير ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پونچ ڊويزن جي 4 ضلعن باغ، راولا ڪوٽ، سدهنوتي ۽ حويلي ۾ چونڊ ٿيندي پونڇ ڊويزن جا 10 لک 9 هزار 160 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. چار ڊويزنن ۾ ووٽرز جو انگ 5 لک 36 هزار جڏهن ته عورت ووٽرز جو انگ 4 لک 80 هزار آهي ووٽنگ لاءِ 487 وارڊز، 1873 پولنگ اسٽيشن ۽ 2735 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن جن مان 547 پولنگ اسٽيشنون حساس جڏهن ته 406 حساس ترين قرار ڏنيون ويون آهن پولنگ دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ آزاد ڪشمير پوليس کان علاوه پنجاب ۽ ڪي پي ڪي پوليس ۽ رينجرز جي 5 هزار اضافي نقري اضافي مقرر ڪئي وئي آهي
