ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي نائين ڪلاس جي پيپرن دوران مختلف امتحاني مرڪزن تي ڪاپي جي ڌم متل رھي اميدوار موبائل فون ذريعي ڪاپي ڪندا رھيا. ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي نائين ڪلاس جي پيپرن دوران مختلف امتحاني مرڪزن تي ڪاپي جي ڌم متل رھي اميدوار موبائل فون ذريعي سرعام ڪاپيڪندا رھيا. جتي مقرر عملو ۽ اميدوارن جا دوست ۽ والدين ڪاپيڪرائيندا رهيا جڏھن ته مختلف امتحاني سينٽرن تي پرائيويٽ اسڪولن جا استاد مقرر ڪيا ويا آھن جيڪي پنھنجي اسڪولن جي شاگردن کي ڪاپيڪرائڻ ۾ مصروف آھن جڏھن ته تعليمي بورڊ جي چيئرمن ذوالفقار شاهه، سيڪريٽري انيس الدين صديقي سان گڏ مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪيو. عملي کي ڪاپي جي روڪٿام لاءِ سختي سان ھدايتون ڏنيون ۽ خانگي اسڪول جي 08 شاگردن تي ڪاپي ڪيس ڪيا ويا. ان موقعي تي چيئرمين تعليمي بورڊ سيد ذوالفقار شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نقل ھڪ پراڻو ناسور آھي جنھن کي روڪڻ لاءِ وقت لڳندو جڏھن ته نقل جي روڪٿام لاءِ والدين، استادن ۽ بورڊ عملي کي گڏجيڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ھن چيو مختلف سينٽرن جو دورو ڪيو جتي سينٽر بھتر نموني ھلي رھيا آھن.