ڪنڌڪوٽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئیشن جي چونڊيل عھديدارن جي حلف تقريب مقامي ھال ۾ ٿي گذري ڊي سي سينئر ڊاڪٽرن حلف کڻايو، ضلعي اندر صحت جون سھولت عوام کي فراھم ڪيون وڃن ڊي سي امير فضل اويسي
تفصيل موجب؛ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئیشن جي نئي چونڊيل عھديدارن صدر ڊاڪٽر يوسف نوناري، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر خليق انور باجڪاڻي سميت ٻين عھديدارن جي پُروقار حلف تقريب مقامي ھال ۾ ٿي انھي موقعي تي ڊي سي امير فضل اويسي، اي سي تنگواڻي، سينئر ڊاڪٽر میھر چند، ڊاڪٽر سريش ڪمار ۽ ٻين حلف ورتو انھي دوران تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر امير فضل اويسي چيو ته ضلعي اندر عوام کي صحت جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن اسپتالن ۾ جيڪي ضرورتون آهن اھي پوريون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي منهنجي مقرري کان اڳ صحت جو حال گھڻو خراب ھو ڪافي بھتري ڪئي آهي ۽ ڪنداسي ڊاڪٽرن جونلڍ صحت جي حوالي سان جيڪي مشورا يا تجويزون ھونديون انھي تي عمل ڪيو ويندو ضلعي جي 12 لک کان وڌيڪ آبادي آھي جنهن ۾ اڌ عورتن جي آهي پر افسوس آهي صحت ۾ عورتون ڊاڪٽرياڻيون نه ھجڻ جي برابر آهي جيڪڏهن اڄ انھي عھديدارن سان گڏ عورت اسٽاف به ھجي ھا بھتر ھو عورتون بيمار ٿين ٿيون ته سندس علاج به عورت ڊاڪٽرياڻي ڪري سگھي صدر يوسف نوناري، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر خليق انور باجڪاڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، ڊاڪٽر حضور بخش سومرو، ڊاڪٽر صوفي سريش ڪمار ڀوڄواڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر مسحائي پيشو آهي اسين ھر وقت زندگيون بچائڻ جون ڪوشش ڪندا آيون قبيلائي علائقو ھجڻ ۽ امن امان سبب ڊاڪٽر به متاثر ٿين ٿا پر پوءِ به اسين عوام کي صحت جون سھولتون فراھم ڪيون ٿا انھي موقعي تي پريس ڪلب جو صدر پيربخش بنگوار، جنرل سيڪريٽري راجا گوپي چند، ڊسٽرڪٽ بار جو جنرل سيڪريٽري آفتاب چنہ، ھندو پنچائت اڳواڻ گھنشام داس بخشو مل، گھنشام داس گيھاڻي، شھري اتحاد جي اشوڪ ڪمار، عبدالفتاح مغل سميت شھر جي ڊاڪٽرز وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،