لاهور، عمران خان کي پنهنجن ڪُڌن ڪرتوتن سبب اندر وڃڻو پوندو، راڻا ثناءُالله

لاهور، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي پنهنجن ڪُڌن ۽ ڪارن ڪرتوتن سبب اندر وڃڻو پوندو. جڏهن ته چوڌري مونس الاهي جي بيان فوج جي سياست کان پري رهڻ جي موقف تي شڪ اٿاري ڇڏيو آهي ان جي وضاحت ٿيڻ گهرجي لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته گهڙيون چوري ڪري قوم ۽ ملڪ جي عزت کي نقصان پهچايو ويو. عمران خان کي پنهنجن ڪُڌن ڪرتوتن جي ڪري اندر وڃڻو پوندو. هن چيو ته سياست ۾ هڪ ٻئي کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي ڇو ته سياست ۾ ڳالهين کان سواءِ اوهان اڳيان وڌي نٿا سگهو.گهرو وزير چيو ته جنرل باجوه پنهنجي نوڪري جو ٽائيم پورو ڪري چڪو آهي هن اداري طرفان قوم جي سامهون هڪ موقف رکيو ته اسان جو سياست سان ڪو تعلق ناهي. هاڻ چوڌري مونس الاهي جي بيان اداري جي موقف تي شڪ اٿاري ڇڏيو آهي ان جي وضاحت ٿيڻ گهرجي. اسان ۽ قوم کي يقين آهي ته عسڪري قيادت ۽ اداري قوم سان جيڪا ڪمٽمينٽ ڪئي آهي اها صحيح ۽ احترام جوڳي آهي راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻي آهي يا نه ان تي ڪو به حتمي فيصلو ناهي ٿيو. سڀاڻي به اجلاس ٿيندو. اسان پنهنجي اڳواڻ سان صلاح مشورو ڪنداسين. راڻا ثناءُالله چيو ته ذاتي طور تي سمجهان ٿو ته پنجاب اسميبلي ٽوڙي وڃي ۽ ڪي پي اسيمبلي به ٽوڙي وڃي جيئن اسان وفاقي حڪومت کي برقرار رکون. بلوچستان حڪومت برقرار رهندي ڇو ته بلوچستان ۽ سنڌ وارن اسيمبلي ٽوڙڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آصف زرداري ٻن لفظن ۾ چيو آهي ته اسيمبليون نه ٽوڙينداسين. وفاقي ۽ ٻن صوبن جون حڪومتون برقرار آهن. ان لاءِ پنجاب ۾ ڀلي ننڍيون يا عام چونڊون ٿين اسان بهتر پوزيشن ۾ هونداسين گهرو وزير چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان مهانگائي ۾ گهٽتائي نه آڻي سگهياسين جيڪا تباهي عمران حڪومت ڪئي ان تي هاڻ وڃي ڪنٽرول ڪيو آهي. ايندڙ وقت دوران مهانگائي تي ڪنٽرول ڪنداسين. جڏهن چونڊن ۾ وينداسين ته حقيقتون سامهون رکنداسين. عوام کي ٻڌائنداسين ته اها تباهي 6 مهينن ۾ ناهي ٿي پر 3 سالن جي آهي. اميد آهي ته عوام اسان جي ڳالهه مڃيندو. جيستائين اها ڳالهه طئي ٿيندي ته پنجاب يا جنرل اسيمبلي جي چونڊ ٿئي تيستائين نوازشريف به واپس اچي ويندو

پنھنجي راءِ لکو