ويلفيئر جي نالي تي سنڌ پوليس کي ڏنل زمينن تي پيٽرول پمپ ۽ آفيسون تعمير ٿيڻ جو انڪشاف

 ويلفيئر جي نالي تي سنڌ پوليس کي ڏنل زمينن تي پيٽرول پمپ، دوڪان، گودام فليٽ ۽ آفيسون تعمير ٿيڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. آءِ جي سنڌ طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب سنڌ ۾ 4 پيٽرول پمپ ۽ 1397 دوڪانون، 339 فليٽ، 37  گودام ۽ 162 آفيسون پوليس جي زمين تي ٺاهيا ويا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ پوليس جي زمين تي 32 هنڌن تي ڪمرشل سرگرميون جاري آهن. ڪراچي کان علاوه حيدرآباد، سکر، دادو، بدين، ميرپورخاص، نوابشاهه، خيرپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ به سنڌ پوليس جي زمين تي ڪمرشل سرگرميون جاري آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن کان پوءِ دڪاندارن کي دڪانون خالي ڪرڻ جو چيو ويو هو، دڪاندارن نوٽيسز جي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو ۽ سپريم ڪورٽ معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن اماڻيو هو.