) ٺٽي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ميرجت برادري جي ٻن سئوٽ نينگرين کي سَڱ چَٽيءِ طور ڏيڻ جو فيصلو. عيدو ميرجت جي هڪ نينگري لونگ ميرجت جي پُٽ سان نڪري وڃڻ کانپوء تر جي وڏيرن رات وچ ۾ فيصلو ڪري لونگ جي ٻن پوٽين کي سڱ چٽي طور عيدو جي پُٽن کي ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو، سڱ چٽي طور ڏنل نينگرين جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل. لونگ جي ٻن پوٽين روزينه ڌيءَ غفور ميرجت ۽ گُلناز ڌيءَ شير علي ميرجت کي ممتاز ميرجت ۽ عيدو ميرجت جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائڻ بعد نينگريون خوف ۾ وٺجي ويون آهن. وڊيو تي جاري ڪيل بيان ۾ نينگرين ٻڌايو ته ماروي ڌيءَ عيدو ميرجت پنهنجي مرضي سان اسان جي ڏاڏي لونگ ميرجت جي پٽ سان نڪري وئي پر هنن اسان جون زندگيون زهر بڻائي ڇڏيون آهن.