ٺڪراٺو : شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٺڪراٺو ۾ صحافين جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، نعريبازي جلد کان جلد شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو، مطالبو نعريبازي ٺڪراٺو : شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٺڪراٺو ۾ صحافين جو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، نعريبازي جلد کان جلد شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو، مطالبو
سکر جي سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاء ٺڪراٺو جا قلم ڌڻي به سراپا احتجاج بڻيل احتاج ڪندڙ صحافين ممتاز مهر ، واجد سومرو ، ميرحسن منگي ، علي نواز مهر ،اربيلو مهتم ، علي گوهر مهر ڪريم بخش مهر ، علي اصغر ، غلام حسين راڄڙ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته وڏي افسوس جي ڳالھ آهي ته 9 مهينه گذرڻ باوجود شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار ناهن ٿي سگهيا اها سنڌ سرڪار توڙي سنڌ پوليس جي وڏي ناڪامي آهي احتجاج ڪندڙ صحافين سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته شھيد صحافي جان محمد مهر جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتاج جو دائرو ڪراچي ۽ اسلام آباد جي پارليامينٽ تائين وڌايو ويندو