سکر ، معذورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سينٽر فار دي بلائنڊ کان ملٽري روڊ لب مهراڻ تائين ريلي

سکر ، معذورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سينٽر فار دي بلائنڊ کان ملٽري روڊ لب مهراڻ تائين ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ جسماني معذور شاگردن ۽ شاگردياڻين، ٻڌڻ کان محروم شاگردن ۽ جسماني ۽ ذهني بيمارين ۾ مبتلا شاگردن شرڪت ڪئي. ريلي جي اڳواڻي ڊائريڪٽر اسپيشل ايجوڪيشن اينڊ ريهيبليٽيشن سينٽر سکر ريجن عبدالرزاق عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطهر ڀيو ڪيو. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن، استادن ۽ ٻين عملي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيا هئا، جن تي معذورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آگاهي جا پيغام لکيل هئا. بعد ۾ سينٽر فار دي بلائنڊ وي آءِ سي اسڪول سکر ۾ هڪ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سينٽر جي نابين، گونگا، ٻوڙا، ذهني ۽ جسماني معذور شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊي اي پي ڊي سکر جي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالرزاق عباسي ۽ ٻين چيو ته 3 ڊسمبر جو ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي ته جيئن مختلف صلاحيتن سان مالا مال ماڻهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ بدران انهن کي مختلف قابليتن سان مخاطب ڪيو وجي،انهن ئي صلاحيتن جي ڪري هنن پنهنجو نالو روشن ڪيوآهي. ملڪ جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن آهي اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جي تقريب جا خاص مهمان هي شاگرد آهن ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر اسپيشل ايجوڪيشن اطهر ڀيو، رئيس ابڙو، محمد سليم کوسا، محمد علي گبول ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

پنھنجي راءِ لکو