ڪشمور لڳ شر ء ڪوش برادري جي ٻن ڌرين م جهيڙو فائرنگ هڪ ڄڻو معصوم گلن جهڙو ٻار گولين جي ور چڙهي قتل ٿي ويو

تفصيل موجب ڪشمور لڳ گيهلپور ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ گلبهار شر م ڪوش ء شر برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو ڪوش برادري جي هٿياربندن جو ڳوٺ گلبهار شر تي چڙهائي ڪري راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪري ڏنو ء فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب هڪ سال جو معصوم عبدالجبار شر موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته هڪ معصوم نينگري آمنا سميت ڇھ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين بخش شر صدام حسين شر غفور شر عبدالحميد شر ء هڪ عورت به شامل آهي اهڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معصوم ٻار جو لاش اسپتال کڻائي آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي فائرنگ جو سلسلو جاري آهي ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن