غوثپور شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي جي وبا تي ضابطو نه اچي سگھيو۔ ارڙي وگهي ڳوٺ ڌڻي بخش اوڳاهي ۾ 3 ورهين جي نينگري زينب ميراڻي فوت ٿي وئي

غوثپور شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ارڙي جي وبا تي ضابطو نه اچي سگھيو۔ ارڙي وگهي ڳوٺ ڌڻي بخش اوڳاهي ۾ 3 ورهين جي نينگري زينب ميراڻي فوت ٿي وئي جڏهن ته هڪ مهينو اندر ڳوٺ ڌڻي بخش اوڳاھي سميت ڀر پاسي وارن علائقن ۾ ارڙي وگهي فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي ۽ ڪيترا ئي ٻار ارڙي جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي بستري ڀيڙو پيل آهن پر صحت کاتي پاران ارڙي جي وبا کي روڪ ٿام لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناھن ورتا ويا۔ فوت ٿي ويل نينگري جي وارثن ڊپٽي ڪمشنر توڙي ڊي ايڇ او ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي اسان جي ڳوٺ ڌڻي بخش اوڳاھي سميت ٻين ڳوٺن ۾ صحت کاتي جون ٽيمون اماڻي ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙن جو علاج ڪرائي سندن جي حياتي بچائي وڃي۔ ٻي صورت ۾ صحت کاتي جي عملدارن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو۔