سکر جي ماڊرن پبلڪ اسڪول ۾ سنڌي ثقافتي پروگرام

سکر ، سکر جي ماڊرن پبلڪ اسڪول ۾ سنڌ جي شاهڪار ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي ڏهاڙي جي موقعي تي ثقافتي پروگرام، شاگردن جو قومي گيت ڳائي داد حاصل ڪيو، ٽيبلوز پيش، هر طرف اجرڪ ٽوپين ۽ ثقافتي ويس جا تجلا، تقريب، تعليم ذريعي سنڌ ۾ تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ڪري ترقي ڏياري سگهجي ٿي، پرنسپل محمد بلال سومرو، ايڊووڪيٽ سڪندر علي جوڻيجي ۽ ٻين جو خطاب، سکر جي دي ماڊرن پبلڪ ھاء اسڪول سکر ۾ 4 ڊسمبر تي ٿيندڙ سنڌ جي شاهڪار ثقافت سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏهاڙو ملهائڻ جي موقعي تي شاندار ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو،ثقافتي پروگرام ۾ وڏي انگ ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي توڙي ثقافتي ويس پهريل شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن پاران شرڪت ڪئي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، دي ماڊرن پبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سنڌ جي شاهڪار ثقافت بابت ٽيبلوز، خاڪا پيش ڪيا، قومي گيتن ڳائي داد حاصل ڪيو، جڏهن ته اسڪولي شاگردن سنڌ جي عظيم ثقافت بابت تقريرون ڪري روشني وڌي ۽ ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي تي دي ماڊرن پبلڪ اسڪول سکر جي پرنسپل محمد بلال سومرو، ايڊووڪيٽ سڪندر علي جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عظيم ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سڀن جو فرض ۽ وقت جي ضرورت آهي، تعليم ذ

پنھنجي راءِ لکو