سکر جي سماجي تنظيم آدم شاھ نئون ڳوٺ ويلفيئر ايسو سي ايشن پاران ثقافتي ڏينهن جي سلسلي ۾ مچ ڪچهري

سکر،سکر جي سماجي تنظيم آدم شاھ نئون ڳوٺ ويلفيئر ايسو سي ايشن پاران سنڌ جي ثقافتي ڏينهن جي سلسلي ۾ مچ ڪچهري ۽ محفل موسيقي جو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سياسي ۔سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين جي وڏي انگ شرڪت ڪري باھ جو سيڪ تي صوفياڻن ڪلامن کي انجواء ڪيو ۔مچ ڪچهري پروگرام ۾ آيل مهمانن جي آجيان ڪندي آدم شاھ ويلفيئر جي چيئر مين غلام مصطفي مهر۔ماجد ڏنور۔سيد علي شاھ
رئيس قمبر علي جمالي۔زبير ڀيو ۽ ٻين کين اجرڪ اوڍايا ويا ان موقعي تي پي ٽي آئي صوبائي اڳواڻ حاجي ديدار علي جتوئي۔پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر ارشد مغل۔ ثاقب اعواڻ۔سماجي سياسي اڳواڻ نظام دين سومرو۔سماجي اڳواڻ علي مردان شيخ۔تسليم ملڪ۔شمس دين کوسو۔سيد عزيز شاھ ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته زندھ قومون پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪنديون رهنديون آھن سنڌ جي ثقافت به هزارين سال قديمي ثقافت آھي سنڌ هزارين سال اڳ شاهوڪار ۽ ان وقت جي جديد تهذيب جو مالڪ هو سنڌي قوم هر سال سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ملهائي دنيا کي پيغام ڏنو ٿو وڃي ته سنڌ جي ثقافت اڃان به دنيا ۾ موجود آھي چار ڊسمبر تي سي اين نيوز پلس سميت ٻي ميڊيا سان گڏ ملهائينداسين۔

پنھنجي راءِ لکو